بدين: چيئرپرسن سوشل ويلفيئر ڪميٽي ۽ ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو سنڌ حڪومت ۽ يو اي پي جي سهڪار سان فراهم ڪيل ٽي جديد ايمبولينسون پي پي ايڇ آءِ بدين حوالي ڪري ڇڏيون.

اهي ايمبولينسون رورل هيلٿ سينٽر شهيد فاضل راهو، بي ايڇ يو ڪپري موري ۽ بي ايڇ يو ڦلڪارا لاءِ استعمال ڪيون وينديون. ايمبولينسون آڪسيجن ۽ ٻين ضروري طبي اوزارن سان ليس آهن.

ايمبولينسن جي فراهمي جو مقصد ٻهراڙي وارن علائقن جي مريضن کي هنگامي حالتن ۾ بروقت طبي امداد فراهم ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي بهتر علاج لاءِ وڏين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي.

ان موقعي تي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته صحت ۽ تعليم سنڌ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهن. هن پي پي ايڇ آءِ عملدارن کي هدايت ڪئي ته ايمبولينسون هر وقت فعال رکيون وڃن ۽ انهن جي باقاعده سار سنڀال کي يقيني بڻايو وڃي.

ان کان اڳ حاجي رسول بخش چانڊيو جي صدارت هيٺ ضلعي بدين ۾ صحت ۽ عوامي ڀلائي جي معاملن بابت هڪ اهم گڏجاڻي پڻ منعقد ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح ۽ مختلف کاتن جا آفيسر ۽ نمائندا شريڪ ٿيا.