آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل رپورٽ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جاري تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ممڪن معاهدي جا خواهشمند آهن.

رپورٽ موجب صدر ٽرمپ سينيئر آمريڪي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته جيڪڏهن آبنائي هرمز کي مڪمل طور سامونڊي آمدرفت لاءِ کوليو وڃي ته هو ايران سان اهڙي سمجھوتي لاءِ تيار ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ وسيع جوهري معاهدو شامل نه هجي.

اخبار موجب صدر ٽرمپ گذريل ڪيترن هفتن کان آبنائي هرمز ذريعي جهازن جي اچ وڃ جي بحالي کي ممڪن سفارتي ڪاميابي طور پيش ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا هئا.

تنهن هوندي به ايران طرفان سخت شرطون ۽ مطالبا سامهون اچڻ کانپوءِ ڪنهن ممڪن سمجھوتي تائين پهچڻ جون ڪوششون وڌيڪ ڏکيون ٿي ويون آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي سينيئر صلاحڪارن آڏو اهو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ته جوهري معاهدي کانسواءِ به جنگ يا تڪرار ختم ڪري سگهجي ٿو، پر ايران جي مطالبن ڳالهين جي عمل کي پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي.